سنڌ جيئن مون ڏٺي

سنڌ جيئن مون ڏٺي

سنڌ جيئن مون ڏٺي

سنڌ جيئن مون ڏٺي (ڪتاب): سنڌ جي قومن (قبيلن)، شهرن، تمدن، معيشيت ۽ ريتن رسمن بابت 1843ع ۾ ٽي پوسٽنس جي لنڊن مان شايع ٿيل انگريزي ڪتاب (Personal Observations on Sindh) جو هي سنڌي ترجمو، نامور مترجم
عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پوسٽنس پنهنجي مطالعي ۾ آيل ڄاڻ جي بنياد تي سنڌ جو تعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تمدن ۽ معيشيت جي تذڪري کان وٺي هتان جي طور طريقن ۽ ريتن رسمن کي نهايت اهميت سان بيان ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هن قديم دور کان وٺي ڪلهوڙن تائين ۽ ٽالپرن کان وٺي انگريزن جي قبضي تائين سنڌ جي تاريخ کي تذڪري واري انداز ۾ اجمالي طور بيان ڪيو آهي.
ڪتاب جا جملي 18 باب آهن، جن جا عنوان ترتيبوار هن ريت آهن: (1) سنڌ جو جاگرافيائي حال احوال، (2) سنڌ جي مختلف علائقن ۽ شهرن جي حالت، (3) سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قومون (قبيلا)، (4) سنڌ ۾ رهندڙ قومن جا پاڻ ۾ تعلقات ۽ ريتون رسمون، (5) سنڌ جا پيداواري وسيلا، (6) تمدني ۽ ثقافتي زندگيءَ جا عام مظاهر، (7) سنڌو درياهه، سنڌ جي جيوت جو سرچشمو، (8) سنڌو درياهه ذريعي سفر ۽ سنڌ جا بندر، (9) سنڌ جي تاريخ جا مختلف دور، (10) ڪلهوڙا حڪمرانن جو احوال، (11) اقتدار لاءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڇڪتاڻ، (12) سنڌ ۾ ٽالپرن جو راڄ، (13) ٽالپرن جي دور ۾ حڪومت جو نظام، (14) ميرن جي دور ۾ سنڌ جو واپار ۽ اقتصادي حالتون، (15) ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي سنڌ ۾ اک، (16) انگريزن پاران سنڌ تي قبضي جي تياري، (17) سنڌ جو اقتدار ميرن کان انگريزن جي طرف منتقل ٿيڻ ۽ (18) سنڌ ۾ انگريزن جا مفاد ۽ انگريز- سنڌ تعلقات.
ڊيمي سائيز جي 285 صفحن ۽ پڪي جلد وارو هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو